فيروز احمد ميمڻ

فيروز احمد ميمڻ: مشھور پبلشر/ناشر فيروز احمد ميمڻ 2 جنوري 1947ع تي، حيدرآباد ۾ محمد صالح ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم.اي (اڪنامڪس)، ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس)، ايم.اي (سنڌي) ۽ ايم.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان استاد، هيڊ ماستر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور ذميواريون نڀايون. هن شروعاتي دور ۾ ’سھڻي‘ رسالي ۾ ڪجهه وقت لکيو، ان بعد ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ قائم ڪري ڪتاب ڇپائڻ لڳو. 40 سالن جي عرصي ۾ 260 کان وڌيڪ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، جن ۾: سفرناما، ڪھاڻيون، شاعري، آتم ڪٿا، ترجمو ۽ ٻيا موضوع اچي وڃن ٿا. مشھور ناشر جي حيثيت ۾ هن شروعاتي دؤر ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مشھور اديبن، شاعرن، محققن ۽ سياستدانن جا ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. فيروز احمد سگا، ڪاروان ادب ۽ سھڻي پبليڪيشن سان به لاڳاپيل رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾: ”بين الاقوامي قانون (ايم. اي جي شاگردن لاءِ)، عظيم ڪھاڻيڪارن جون عظيم ڪھاڻيون (ترتيب)، ”آزادي خاطر“ (ترجمو ٿيل ڪھاڻيون) ۽ ”موتي جي مھراڻ جا“ (ڪھاڻيون، ترتيب) شامل آهن. اشاعت جي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چُڪا آهن، جن ۾: بھترين پبلشر ايوارڊ (محمد صادق گولڊ ميڊل) ۽ بھترين پبلشر ايوارڊ (ڪاروان ادب) اهم آهن.


لفظ فيروز احمد ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.02  عيسوي

مشھور پبلشر/ناشر فيروز احمد ميمڻ 2 جنوري 1947ع تي، حيدرآباد ۾ محمد صالح ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چارڻ سُمنگ
رضوي سيد مير علي
پليجو نور محمد
رحيم بخش قريشي
شادي خان کوسو
ڄام نظام الدين جو مقبرو
آغا نورمحمد پٺاڻ
سلطان گولڊن
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
ڄام سَپڙُ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون